عجمي سلسلو

عجمي سلسلو: اسلامي تصوف جو هي ڇهون سلسلو آهي، جنهن جي نسبت خواجه حبيب عجميءَ سان آهي، جيڪو خواجه حسن بصريءَ جو خليفو هو. هن سلسلي ۾ جيڪو داخل ٿيندو آهي، اهو دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي پوءِ ايندو آهي. عجمي سلسلي جا ماڻهو اڪيلا جبلن ۾ رهندا آهن. ماڻهن طرفان ڏنل سوکڙيون قبول نه ڪندا آهن. هن سلسلي جا ماڻهو بدن اهڙي نموني ڍڪيندا آهن، جو ننگا نظر نه اچن. يعني اوگهڙ ڍڪجي وڃي. ستن ڏينهن جي روزي کان پوءِ هڪ يا ٽن کجورن سان روزو کوليندا آهن. هنن کي جهنگلي پکين ۽ جانورن سان خاص لڳاءُ هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو